ڪراچي آرام باغ ۾ ڀتو گهُرڻ جو ڊراپ سين گينگ وار نه پر ملائیشيا ۾ ويٺل شخص ملوث نڪتو

ڪراچي جي آرام باغ علائقي ۾ هڪ ريسٽورنٽ مالڪ کان ڀتو گهُرڻ وارو معاملو حل ٿي ويو، جتي معاملي جو ڊراپ سين سامهون آيو آهي ته ڀتو ڪنهن گينگ وار نه پر ملائیشيا ۾ رهندڙ لاهور جي شخص طرفان گهريو ويو هو۔پوليس موجب ريسٽورنٽ مالڪ کي هڪ اڻڄاتل نمبر تان فون آيو، جنهن ۾ گينگ وار جي نالي تي 20 لک رپيا ڀتو طلب ڪيو ويو، جڏهن⁠ته ڳالهين بعد اهو مبلغ گھٽجي 3 لک رپيا تي طئي ٿيو۔تحقيقات دوران معلوم ٿيو ته حماد نالي شخص جيڪو ملائیشيا ۾ مقيم ۽ لاهور جو رهواسي آهي، ريسٽورنٽ جي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ مان مالڪ جو نمبر حاصل ڪري ڀتو گهريو۔انڪشاف ٿيو آهي ته ملزم پاڪستان ۾ ڪيترن ماڻهن کان ادھار وٺي رکيو آهي. جن ماڻهن کان ادھار ورتو، تن کي چيو ته پنهنجو بينڪ اڪائونٽ نمبر ڏين، جيئن ڪراچي مان هڪ دوست رقم موڪلي سگهي۔ انهن مان هڪ شخص جو اڪائونٽ نمبر ڀتي لاءِ تاجر ڏانهن موڪليو ويو۔پوليس موجب ڪارروائي جو مقصد ماڻهن کي فون ڪالن آن لائين فراڊ ۽ جعلي ڀتو خوري کان بچائڻ آهي۔پوليس شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته ڪنهن به اڻڄاتل شخص کي پنهنجو اڪائونٽ نمبر نه ڏين ۽ ڪنهن به مشڪوڪ ڪال يا پيغام جي فوري طور پوليس کي ڄاڻ ڏني وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو