خيبرپختونخوا ۾ ڊجيٽل پيمنٽس ايڪٽ 2025 منظور ڊجيٽل ادائيگي تي اضافي چارجز وٺڻ تي پابندي

خيبرپختونخوا حڪومت ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڏي قدم طور ڊجيٽل پيمنٽس ايڪٽ 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي۔وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي قانون جي منظوري ڏيڻ بعد بل کي ڪابينا ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهيهن قانون سان خيبرپختونخوا ملڪ جو پهريون صوبو بڻجي ويو آهي جنهن ڊجيٽل ادائيگين لاءِ مڪمل قانوني فريم ورڪ تيار ڪري ورتو آهي۔:حڪومت، ڪاروبار ۽ سروس سيڪٽرز ۾ QR ڪوڊ ذريعي ڊجيٽل ادائيگي لازمي هوندي۔رجسٽرڊ ڪاروبارن کان ٻن سالن تائين ڊجيٽل ٽرانزيڪشن تي ڪو نئون سيلز ٽيڪس نه لڳايو ويندو۔صارف کان ڊجيٽل ادائيگي تي اضافي چارجز وٺڻ سختي سان منع هوندو، ۽ اهڙو عمل قانوني ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويندو۔ڊجيٽل پيمنٽس ايڪٽ شفافيت، سهولت، مالي تحفظ ۽ جديد مالي نظام کي مضبوط ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، جڏهن ته صارف ۽ ڪاروباري ڊيٽا جو مڪمل تحفظ يقيني بڻايو ويندو۔مارڪيٽن ۾ پبلڪ وائي فائي ۽ ڊجيٽل سهولتون فراهم ڪيون وينديون۔تعليمي نصاب ۾ ڊجيٽل خواندگي شامل ڪئي ويندي۔ڪاروبارن لاءِ آن بورڊنگ جو عمل آسان ڪيو ويندو۔وزيراعليٰ سهيل آفريدي چيو آهي ته هي ايڪٽ خيبرپختونخوا کي ڪيش ليس معيشت جو ماڊل بڻائيندو ۽ ٻين صوبن لاءِ پڻ رهنمائي فراهم ڪندو۔هي قانون مالي شموليت، شفافيت ۽ معيشت جي جديدڪاري ڏانهن هڪ اهم اڳڀرائي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو