پاڪستان ۾ سون وڌيڪ مهانگو في تولا سون 4 لک 28 هزار رپين کي ڇُهي ويو

پاڪستان ۾ سون جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿيڻ بعد في تولا سون 4 لک 28 هزار 862 رپين تائين پهچي ويو آهي عالمي مارڪيٽ ۾ واڌ ۽ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي سبب سون جي مقامي قيمت ٻيهر تاريخي سطح ڏانهن وڌڻ لڳي آهي۔مقامي صرافه مارڪيٽ موجب اڄ في تولا سون جي قيمت ۾ 2,300 رپيا اضافو ٿيو، جنهن بعد نئين قيمت 4,28,862 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي۔ان کان علاوه 10 گرام سون به 1,972 رپيا مهانگو ٿي 3,67,680 رپين تيپهچي ويو آهيدنيا جي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، جتي في اونس سون 23 ڊالر وڌي 4,065 ڊالر تي پهچي ويو آهي۔ماهرن مطابق سون جي قيمت ۾ اضافو عالمي مالياتي غيريقيني صورتحال، افراطِ زر ۽ پاڪستاني رپئي جي ڪمزور ٿيڻ سبب ڏٺو پيو وڃي۔ذيلي طور، گذريل سال ملڪ ۾ سون جي قيمت جو نئون تعين واري نظام لاڳو ڪيو ويو هو، جنهن تحت انٽرنيشنل مارڪيٽ جي مقابلي ۾ في اونس 20 ڊالر وڌيڪ قيمت مقرر ڪئي وڃي ٿي۔

پنھنجي راءِ لکو