نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي اهم سفارتي مصروفيتن مڪمل ڪرڻ بعد اسلام آباد واپس پهچي ويو آهي۔ هو 17 کان 19 نومبر تائين روس جي گادي ماسڪو ۽ 19 کان 21 نومبر تائين برسلز جي اهم دوري تي رهيو، جتي ڪيترين ئي ٻطرفين ملاقاتن، عالمي تعاون ۽ علائقائي حالتن بابت اهم ڳالهه ٻولهه ٿي۔ واپسي دوران هن مدينه منوره ۾ مختصر قيام ڪيو ۽ حضور ﷺ جي روضي مبارڪ تي حاضري ڏئي امتِ مسلمه، پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي۔ پرڏيهي وزارت مطابق اسحاق ڊار جا اهي دورا پاڪستان جي سفارتي سرگرمين ۽ عالمي سطح تي اڳڀرائي لاءِ انتهائي اهم قرار ڏنا پيا وڃن۔
