سموري ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جي 6 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 7 تڪن تي ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جاري

سموري ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جي 6 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 7 تڪن ۾ ضمني چونڊن لاءِ پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري آهي، جنهن لاءِ سڀ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن۔ هري پور، لاهور، فيصل آباد، ساهيوال، ڊيره غازي خان، سرگودها، ميانوالي ۽ مظفر ڳڙهه جي تڪن تائين چونڊ سامان پهچايو ويو آهي، جڏهن ته مجموعي طور 2 هزار 792 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن جن مان 408 کي انتهائي حساس ۽ 1 هزار 32 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي۔ امن امان لاءِ 20 هزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي اهلڪار ڊيوٽيون سرانجام ڏئي رهيا آهن۔ اين اي 18 هري پور ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار شهرناز، ن ليگ جي بابر نواز خان ۽ پيپلز پارٽي جي ارم فاطمه ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته اين اي 96 فيصل آباد ۾ ن ليگ جي طلال بدر چوڌري جو 15 آزاد اميدوارن سان مقابلو آهي۔ اين اي 185 ڊيره غازي خان ۾ به مقابلو ڇڪتاڻ وارو آهي جتي ن ليگ جي محمود قادر لغاري ۽ پيپلز پارٽي جي سردار دوست محمد کوسه ميدان ۾ موجود آهن۔ اهي سيٽون پي ٽي آءِ جي اڳوڻن اميدوارن جي 9 مئي ڪيسن ۾ سزا ۽ نااهلي سبب خالي ٿيون هيون۔

پنھنجي راءِ لکو