اي چالان جي ڀاري جرمانن خلاف شهرين جون شڪايتون سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڌيان ٽريفڪ اختيارين کان جواب طلب

اي چالان جي ڀاري جرمانن کان پریشان ڪراچي واسين لاءِ اهم پيش رفت سامهون آئي آهي। سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جماعت اسلامي، مرڪزي مسلم ليگ، بس اونرز ايسوسيئيشن ۽ شهرين پاران داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي۔درخواستگذارن جي وڪيل بيان ڏنو ته لاهور ۾ هڪ قسم جا جرمانا آهن، جڏهن⁠تہ ڪراچي ۾ انهن کان گهڻو وڌيڪ جرمانا لاڳو ڪيا ويا آهن جيڪو شهر قائد سان امتیازی سلوڪ برابر آهي۔ عدالت وڪيل کي هدايت ڪئي ته ڪراچي جو مقابلو ٻين شهرن سان نه ڪيو وڃي، ڇو⁠تہ هر شهر جا پنهنجا انتظامي ۽ ٽريفڪ حالتون مختلف هونديون آهن۔درخواستگذارن طرفان وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ڪراچي جو پورو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو آهي، سڙڪون ٽٽل، بس اسٽينڊ موجود نه، ٽريفڪ انتظام نالي ماتر آهي، پر باوجود ان جي شهرين تي اي چالان جي نالي ۾ ڀاري جرمانا لاڳو ڪيا پيا وڃن ۽ شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون پيون وڃن، جيڪي بنيادي حقن جي خلاف ورزي آهن۔عدالت اي چالان خلاف فوري حڪم امتناع ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڊي آءِ جي ٽريفڪ سميت ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو۔ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 11 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئ

پنھنجي راءِ لکو