حڪومت اهم قانون سازي جي منظوري لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ذريعن موجب گڏيل اجلاس قومي اسيمبلي جي جاري اجلاس دوران ئي سڏايو ويندو۔اجلاس ۾ اهي سڀ بل پيش ۽ منظور ڪيا ويندا جيڪي اڃا تائين قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان پاس ناهن ٿي سگهيا۔حڪومت جو مقصد زير التوا اهم قانون سازي کي جلد مڪمل ڪرڻ آهي۔گڏيل اجلاس جي شيڊول بابت باضابطه اعلان جلد ٿيڻ جي اميد آهي۔ياد رهي ته حڪومت تازو ئي 27هين آئيني ترميم قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ڪرائي آهي، جنهن ۾ وفاقي آئيني عدالت جي قيام سميت اهم نڪتا شامل آهن۔ڪجهه ڏينهن اڳ سينيٽر فيصل واوڊا به چيو هو ته 27هين آئيني ترميم پاس ٿي چڪي آهي، هاڻي 28هين ترميم جي تياري ڪئي وڃي
