سکر ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر پاران ڪارونجهر جي ڪيس کي وفاقي آئيني عدالت ۾ منتقل ڪرڻ خلاف عدالتي ڪاررواين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو۔ وڪيلن هاءِ ڪورٽ سکر جي مک دروازي ٻاهران ڪرسيون رکي ويهي احتجاج ڪيو، جڏهنته عدالتن ڏانهن ويندڙ عام ماڻهن کي پڻ روڪيو ويو۔سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر جي جنرل سيڪريٽري آچر گبول چيو ته ڪارونجهر سنڌ جو ورثو، سڃاڻپ ۽ اثاثو آهي۔ هن چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪارونجهر بابت پنهنجو فيصلو ٻڌائي چڪي آهي، پر سنڌ سرڪار ان فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏني، جتان ڪيس کي وفاقي آئيني عدالت ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي، جيڪو سنڌ واسين سان ناانصافي آهي۔وڪيل برادري چيو ته هو ستاويهين آئيني ترميم کي نٿا مڃين، تنهن ڪري ڪارونجهر جو ڪيس وفاقي آئيني عدالت ۾ نه هلايو وڃي۔ احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سنڌ سرڪار فوري طور ڪيس واپس وٺي ۽ ڪارونجهر جي حق ۾ صوبائي موقف کي مضبوط بڻائي۔احتجاجي ريلي ڊسٽرڪٽ بار سکر کان نڪري پريس ڪلب تائين پهتي، جنهن جي اڳواڻي ڊسٽرڪٽ بار سکر جي صدر علي احمد، جنرل سيڪريٽري ذوالفقار ملاڻو، هاءِ ڪورٽ بار جي جنرل سيڪريٽري آچر گبول ۽ الاهي بخش انرل ڀٽي ڪئي۔
