اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي سعودي ائير لائن جي پرواز SV728 جي گو اراؤنڊ عمل بابت سوشل ميڊيا ۽ ڪجهه چينلن تي هلندڙ سنسني خيز خبرن تي پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي (PAA) وضاحت جاري ڪري ڇڏي آهي۔ترجمان موجب اڏام جي لينڊنگ دوران ٿيندڙ گو اراؤنڊ هڪ بلڪل عام ۽ عالمي سطح تي رائج حفاظتي عمل آهي، جيڪو پائلٽ محفوظ لينڊنگ کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقرر طريقيڪار تحت اختيار ڪن ٿا۔ اهڙي عمل جو مقصد ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ نه هوندو آهي ۽ نه ئي اها ڪا غير معمولي ڳالهه آهي۔ترجمان زور ڏنو ته ڪجهه ميڊيا ذريعن پاران ان عمل کي خطرناڪ يا هنگامي صورتحال طور پيش ڪرڻ سان مسافرن ۽ ماڻهن ۾ غير ضروري ڳڻتي پيدا ٿي سگهي ٿي، جيڪا هوا بازي جي عملن بابت غلط فهميون وڌائي ٿي۔اهي به چيو ويو ته PAA ميڊيا جي ڪردار کي قدر جي نگاه سان ڏسي ٿي ۽ اميد رکي ٿي ته ذميوارانه رپورٽنگ ذريعي عوام تائين مستند ۽ صحيح ڄاڻ پهچائي ويندي ادارو ملڪ جي سڀني هوائي اڏن تي شفافيت ۽ اعليٰ حفاظتي معيار برقرار رکڻ لاءِ پرعزم آهي۔
