ايف سي بلوچستان نارٿ پاران سوئي ۾ کُلي ڪچهري امن ترقي ۽ عوامي مسئلن تي غور

ايف سي بلوچستان (نارٿ) جي اهتمام هيٺ ايف سي هيڊڪوارٽر سوئي ۾ کلي ڪچهري ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ آءِ جي ايف سي بلوچستان (نارٿ)، ڊپٽي ڪمشنر ڊيره بگٽي، مقامي انتظاميا ۽ قبائلي عُمائديد شامل ٿيا۔کلي ڪچهري ۾ عوامي مسئلن جي حل، علائقي ۾ امن ۽ استحڪام ۽ تعمير و ترقي بابت حڪمتِ عملي تي تفصيلي بحث ڪيو ويو۔ آءِ جي ايف سي بلوچستان (نارٿ) چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو دارومدار امن ۽ ڀائيچاري تي آهي۔هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي عوام دهشتگردن جا مذموم ارادا ناڪام بنايا آهن، وطن دشمن عنصرن جي سازشن کي گڏجي شڪست ڏيڻي پوندي۔ علائقي ۾ امن قائم رکڻ ۾ قبائلي عُمائديد جو ڪردار انتهائي اهم آهي।قبائلي عُمائديد کلي ڪچهري واري قدم کي سٺي ڳالهه قرار ڏيندي پنهنجا مسئلا بيان ڪيا، جن جي حل جي آءِ جي ايف سي يقين دهاني ڪرائي۔ عُمائديد تعليم ۽ صحت، ڊيره بگٽي–ڪشمور روڊ جي حالت ۽ سيڪيورٽي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون۔

پنھنجي راءِ لکو