جماعت اسلامي جو اعلان 7 ڊسمبر تي سڄي پنجاب ۾ بلدياتي قانون خلاف احتجاج

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمن چيو آهي ته بلدياتي حڪومتن جا اختيار بحال ڪرڻ لاءِ واضح لائحه عمل تيار ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي سڙڪن کان وٺي عدالتن تائين هر محاذ تي تحريڪ هلائي ويندي هن اعلان ڪيو ته 7 ڊسمبر تي سڄي پنجاب ۾ بلدياتي قانون خلاف وڏي پيماني تي احتجاج ڪيو ويندو.حافظ نعيم چيو ته عوامي مسئلن تي حڪومت کي وڌيڪ استحصال ڪرڻ نه ڏينداسين. “تحريڪ بدل دو نظام” کي وڌيڪمنظمڪري، وڏا دھرڻا ۽ اسيمبلين جو گهيراءُ ڪنداسين. هن زور ڏنو ته دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ تعليم، پوليس ۽ انتظامي معاملن جا اختيار بلدياتي ادارن وٽ هوندا آهن، پر هتي عوام کي سندن بنيادي حقن کان محروم رکيو پيو وڃي.سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پڪا ۽ ڪچا ٻئي قسم جا ڊاڪو عوام کي لٽي رهيا آهن. پاڪستان ۾ نظام جي تبديلي لاءِ عالمي سطح تيتحريڪ شروع ڪنداسين ۽ ان جو مرڪزي دفتر پاڪستان ۾ هوندو. هن پيپلزپارٽي تي ڪراچي ۾ ڪرپشن جا الزام لڳائيندي چيو ته جن ماڻهن شهر کي گند سان ڀريو آهي، انهن کي ئي اهو گند صاف ڪرڻو پوندو.

پنھنجي راءِ لکو