اسلام آباد هينئر مالي سال دوران پاور سيڪٽر جو گردشي قرض 735 ارب رپين جي اضافي سان 2300 ارب رپين تائين پهچڻ جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي.تفصيل موجب حڪومت آءِ ايم ايف جي شرطن تي عمل ڪندي پاور سيڪٽر جي گردشي قرضي کي زيرو اِن فلو تي رکڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته موجوده مالي سال ۾ گردشي قرضو 735 ارب رپيا وڌيڪ وڌي سگهي ٿو، جنهن کان پوءِ مجموعي گردشي قرضو 16,615 ارب رپين مان وڌي 23,500 ارب رپين تائين پهچي سگهي ٿو.ذريعن مطابق 522 ارب رپيا باقي گردشي قرض ختم ڪرڻ لاءِ 120 ارب رپين جون پرنسپل ادائگيون شامل هونديون، جڏهن ته 400 ارب رپيا سرڪاري پاور پلانٽن ۽ آءِ پي پيز کي ادا ڪيا ويندا، جيئن اسٽاڪ کي زيور تي رکيو وڃي.سرڪلر ڊيٽ مينيجمينٽ پلان تحت ري بيسنگ جي مد ۾ 55 ارب رپيا، بجلي ورهائڻ وارن ادارن جي نقصان گهٽجڻ سان 18 ارب رپيا ۽ بهتر ريڪوريز ذريعي وڌيڪ 121 ارب رپيا وصول ٿيڻ جو امڪان آهي.ان سمورن عملن کان پوءِ موجوده مالي سال لاءِ پاور سيڪٽر جو گردشي قرض زيور اِن فلو تي برقرار رکيو ويندو، جيئن مالي استحڪام حاصل ڪري سگهجي ۽ آءِ ايم ايف جون شرطون پوريون ٿين.
