پشاور وزيراعليٰ خيبرپختونخوا سهيل آفريدي نوجوانن لاءِ نئون انٽرن شپ پروگرام متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته صوبائي حڪومت نوجوانن جو مستقبل محفوظ بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي ۽ مان پنهنجي نوجوانن کي ڪڏھن به اڪيلا نه ڇڏيندس۔پشاور ۾ نوجوانن بابت تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته صوبو روزگار جي موقعن ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي، جنهن جو ثبوت اڄ جو جاب فيئر آهي، جتي ٻن هزار کان وڌيڪ شاگردن رجسٽريشن ڪرائي آهيهن وڌيڪ ٻڌايو ته صوبو ٽيلنٽ هَنٽ پاليسي ۽ نوجوانن لاءِ انٽرن شپ پروگرام به شروع ڪري رهيو آهي۔سهيل آفريدي چيو ته خوشي جي ڳالهه آهي ته اسان جون ڌيئرون به انجنيئرنگ ۽ ٻين اعليٰ شعبن ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن۔وزيراعليٰ ٻڌايو ته 4 ڊسمبر تي اين ايف سي جو اجلاس ٿيندو، جتي صوبو پنهنجو موقف پوري قوت سان پيش ڪندو۔ هن چيو ته قبائلي ضلعن جي خيبرپختونخوا سان ضم ٿيڻ کي 7 سال ٿي چڪا آهن پر معاشي حق اڃا تائين پورو نه مليو آهيسندس چوڻ مطابق اين ايف سي تحت خيبرپختونخوا جو حق 14.6 سيڪڙو آهي، جڏهن ته فاٽا ضم ٿيڻ بعد اهو حصو 19 سيڪڙو ٿيڻ گهرجي۔ صوبو ساليانو 300 کان 400 ارب رپيا وٺڻ جو حق رکي ٿو، جڏهن ته وفاق اڃا تائين 1300 ارب رپيا ڏيڻا آهن۔سويل آفريدي وفاقي حڪومت تي 5300 ارب رپين جي ڪرپشن جا الزام لڳائيندي چيو ته حڪمرانن عوام جو پيسو پنهنجي ٻاهرين ملڪ واري جائدادن تي خرچ ڪيو، عوام کي انهن کان سوال ڪرڻ گهرجي۔سياست بابت ڳالهائيندي هن چيو ته باني پي ٽي آئي کي ناحق جيل ۾ رکيو ويو آهي ۽ القادر ٽرسٽ تي تڏهن ڪيس ٺاهيو ويو جڏهن اتي سِيرت النبي ﷺ پڙهايو پيو وڃي۔ هن چيو ته هو صوبائي حقن لاءِ آخري رت جي ڍُڦ تائين جدوجهد ڪندو۔
