اسلام آباد وفاقي حڪومت ٻه وڏيون بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون حيسڪو ۽ سيپڪو نج ڪري ڇڏڻ جو باقاعدي آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ نجڪاري ڪميشن پاران آسٽريا جي مشهور ڪمپني رافيسين انويسٽمينٽ کي ٻنهي ڪمپنين لاءِ مالياتي مشير مقرر ڪيو ويو آهي۔نجڪاري ڪميشن جي ترجمان موجب اسلام آباد ۾ معاهدي تي باقاعدي دستخط ڪيا ويا، جنهن تحت رافيسين انويسٽمينٽ سيلز سائيڊ فنانشل ايڊوائزر طور خدمتون سرانجام ڏيندي।اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته مالي مشير نجڪاري لاءِ فريم ورڪ جي تياري، قانوني گهرجن مطابق سيلز سائيڊ ڊيو ڊيليجنس،سيڙپڪارن تائين رسائي ۽ ٽرانزيڪشن اسٽرڪچر ٺاهڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪندو۔نجڪاري ڪميشن موجب مالي مشير شفاف ۽ مقابلي واري بولي جي عمل کي يقيني بڻائيندو ۽ نجڪاري فريم ورڪ مطابق سمورا مرحلا مڪمل ڪيا ويندا۔
