وزيراعظم جي هدايت تي ملازم طبقي لاءِ ٽيڪس ريٽ ۾ گهٽتائي تي ڪم شروع

وزيراعظم شهباز شريف تنخواهه دار طبقي تي ٽيڪس جو بار گهٽائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جنهن بعد ايف بي آر ايندڙ بجيٽ ۾ ٽيڪس ريٽ گهٽائڻ لاءِ عملي قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن۔چئرمين ايف بي آر راشد لنگڙيا‌ل پاڪستان بزنس ڪائونسل جي سيمينار ۾ خطاب ڪندي ٻڌايو ته وزيراعظم خاص طور تي ملازمن لاءِ ٽيڪس رليف ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ هن چيو ته ٽيڪس ريٽ ۾ گهٽتائي جو دارومدار ٽيڪس ڪمپلاءِنس وڌڻ تي هوندو، ملڪ ۾ جيترا وڌيڪ ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيندا اوترو ٽيڪس گهٽائي سگهجي ٿو۔ايف بي آر ذريعن موجب وڏين ڪمپنين تي لاڳو سپر ٽيڪس به مرحليوار گهٽائي آخرڪار ختم ڪيو ويندو، جنهن لاءِ آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو امڪان آهي۔ سپر ٽيڪس ۾ گهٽتائي جو مقصد ملڪي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ آهي ۽ امڪان آهي ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ ان جو پهريون مرحلو شروع ڪيو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو