پي ٽي آءِ باني جي صحت خراب ٿيڻ واري خبرن جي ترديد حڪومت جو سينيٽ ۾ واضع بيان

اسلام آباد پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري سينيٽ ۾ ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني جي صحت بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔تفصيل موجب پي ٽي آءِ ميمبرن جي سينيٽ ۾ احتجاج کان پوءِ طارق فضل چوڌري چيو ته باني پي ٽي آءِ جي صحت خراب ٿيڻ بابت سوشل ميڊيا تي ڦهلائيندڙ سڀئي خبرون ڪوڙ آهن، هو مڪمل طرح صحتمند آهن ۽ کين سڀئي سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن۔طارق فضل چوڌري ٻڌايو ته جعلي اطلاع ۽ افواهون ڀارتي ميڊيا جو پروپيگنڊا آهن۔ اڊياله جيل جي سپرنٽنڊنٽ سان ڳالهه ٻولهه به ٿي آهي، باني پي ٽي آءِ مڪمل طور تي ٺيڪ آهن ۽ کين ڪنهن به قسم جو خطرو ناهي۔سينيٽ جو اجلاس صدر سينيٽ يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٻيهر شروع ٿيو، جتي مشير نجڪاري محمد علي “نجڪاري ڪميشن ترميمي بل 2025” پيش ڪيو، جنهن کي لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي حوالي ڪيو ويو۔ اجلاس پير ڏينهن شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو۔ان کان اڳ، داخلا واري وزير مملکت طلال چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون VIP قيدي آهي، جنهن کي مبينا طور تي مرغيون، ورزش جا اوزار ۽ ڇهه الڳ ڪمرا فراهم ڪيا ويا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو