ڪوئيٽا قمبراني روڊ تي ٻه ڌماڪا خوشقسمتيءَ سان ڪو جاني نقصان نه

ڪوئيٽا قمبراني روڊ تي انگوري باغ پوليس ناڪي جي ويجهو هڪٻئي پٺيان ٻه ڌماڪا ٿيا، پر خوشقسمتيءَ سان ٻنهي ڌماڪن ۾ ڪو به جاني نقصان سامهون نه آي تفصيل موجب پهريون ڌماڪو پوليس ناڪي جي ويجهو آئي اي ڊي ذريعي ڪيو ويو، جڏهن ته ٻيون ڌماڪو تڏهن ٿيو جڏهن بي ڊي ايس جي ٽيم واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪري رهي هئي. ٻيون ڌماڪو موٽر سائيڪل ۾ رکيل بارودي مواد سبب ٿيو.ڌماڪن کان پوءِ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. بم ڊسپوزل اسڪواڊ ۽ سي ٽي ڊي جون ٽيمون واقعي واري هنڌ مان شواهد گڏ ڪري رهيون آهن ۽ جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو