ايئربس A320 جي سافٽ ويئر ۾ خرابي دنيا جا 6 هزار جهاز متاثر پاڪستان ۾ فلائيٽ آپريشن متاثر ٿيڻ جو انديشو

ايئربس A320 جهازن ۾ نئين سافٽ ويئر جي خرابي بعد خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان ۾ به فلائيٽ آپريشن متاثر ٿي سگهي ٿو. عالمي سطح تي ايئربس جهازن کي ٽيڪنيڪل مسئلن جو منهن ڏسڻو پيو آهي، ۽ سافٽ ويئر جي مسئلي سبب هزارين جهاز گراؤنڊ ڪيا ويا آهن۔ايئربس ڪمپني موجب نئين سافٽ ويئر کي سولر ريڊيئيشن (شمسي تابڪاري) کان متاثر ٿيڻ جي شڪايتون مليون آهن، جنهن بعد ڪمپني دنيا ڀر جي 6 هزار جهازن جي متاثر ٿيڻ جو انديشو ظاهر ڪيو آهي۔ يورپي يونين ايڊيشن سيِفٽي ايجنسي (EASA) به هوائي تحفظ بابت هدايت جاري ڪندي انهن جهازن کي فوراً گراؤنڊ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ايئربس پاران جاري ڪيل نئين سافٽ ويئر (ريليز 104) ۾ دورانِ پرواز ڪيترين ئي ايئر لائنز کي مسئلا منهنجا پيا، جنهن بعد ڪمپني سڀني ايئر لائنز کي پراڻو سافٽ ويئر ٻيهر انسٽال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔پاڪستان ۾ به ڪيترين ايئر لائنز وٽ A320 جهاز موجود آهن، جنهن سبب ملڪ ۾ فلائيٽ آپريشن متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي۔ البتہ پي آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته قومي ايئر لائن جي ڪنهن به جهاز ۾ اهو نئون سافٽ ويئر انسٽال ڪيل ناهي، تنهنڪري پي آءِ اي جو سڄو بيڙو محفوظ آهي۔

پنھنجي راءِ لکو