صادق آباد ۾ پوليس سان مقابلو ٻه مبينا ڏوهاري مارجي ويا

صادق آباد ۾ پوليس ۽ ڏوهن ۾ ملوث مبينا ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ جو مقابلو ٿيو، جنهن دوران ٻنهي ڏوهارين مارجي ويا۔ پوليس موجب واقعي واري هنڌ کان هٿيار ۽ ڇيني ويل موٽرسائيڪل پڻ تحويل ۾ ورتي وئي آهي، جڏهن ته مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ جاري آهي۔پوليس اختيارين ٻڌايو ته ٻنهي جوابدارن جون لاشون اسپتال منتقل ڪيون ويون واقعي جي ابتدا تڏهن ٿي، جڏهن موٽرسائيڪل سوار ڏوهارين کي ناڪي تي روڪيو ويو ته انهن پوليس تي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جو پوليس طرفان به جواب ڏنو ويو ۽ ٻنهي ڏوهارين جو موت واقع ٿيو۔ٻئي طرف، گذريل ڏينهن ڪراچي جي قائدآباد ۽ زمان ٽائون ۾ پڻ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ الڳ الڳ مبينا مقابلا ٿيا। ٻنهي واقعن ۾ زخمي حالت ۾ ٻه ڏوهاري گرفتار ڪيا ويا، جن کان هٿيار ۽ ٻين شين جي برآمدگي پڻ ٿي۔پهريون واقعو قائدآباد ۾ پيش آيو جتي پوليس احسن آباد گرائونڊ ڀرسان فائرنگ جي مبادلي کانپوءِ هڪ زخمي ڏوهاري خالد کي گرفتار ڪيو، جنهن کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو۔

پنھنجي راءِ لکو