اسلام آباد ۾ وڏو اسڪينڊل 29 ڪروڙ 70 لکن جا جعلي اسٽامپ پيپر جاري 71 ملازمن خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد ۾ اسٽامپ پيپرز جي فِيس قومي خزاني ۾ جمع نه ڪرائڻ جو وڏو انڪشاف سامهون آيو آهي۔ وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) موجب 29 ڪروڙ 70 لک رپين جا جعلي اسٽامپ پيپرز جاري ڪيا ويا آهن۔ايف آءِ اي وفاقي ٽيڪس محتسب (FTO) جي 71 ملازمن خلاف مقدمہ داخل ڪري ڇڏيو آهي۔ ايف آءِ اي ٽيم وفاقي ٽيڪس محتسب جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ قبض ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته ڪارروائي دوران 20 ملازمن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ 9 سرڪاري اهلڪار پڻ شامل آهن۔ايف آءِ اي جي ترجمان موجب ملزمان فيڊرل ٽيڪس آفيس جي آفيسرن ۽ اهلڪارن سان گڏجي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪئي۔ ملزمان جعلي چالان فارم استعمال ڪندي اسٽامپ پيپرز، ڪورٽ فيس ۽ فارن بلز غير قانوني طور جاري ڪندا رهيا۔ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ملزمان سرڪاري خزاني ۾ مقرر فِيس جمع ڪرائڻ بنا ناجائز مالي فائدو حاصل ڪيو ۽ پنهنجي عهدن جو غلط استعمال ڪري قومي خزاني کي ڳرو نقصان پهچايو۔ ايف آءِ اي 10 سالن جو فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو