ڀارت مان ايندڙ هواين لاھور جي فضا کي خطرناڪ حد تائين آلودہ ڪري ڇڏيو AQI 394 رڪارڊ

ڀارت مان آلودہ هواين جي اچڻ سبب لاھور جي فضا شديد صحت لاءِ نقصانڪار ٿي وئي آهي ۽ صوبيجودارالحڪومت دنيا جي سڀ کان آلودہ شھرن ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي۔شھر جو مجموعي ايئر ڪوالٽيانڊيڪس (AQI) 394 رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ سمجھيو وڃي ٿو۔فضائي آلودگي جي عالميدرجه بندي ۾ ڀارتي دارالحڪومت نئين دهلي ٻئي نمبر تي آهي، جتي AQI 260 رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته دنيا جيآلودہ ترين شھرن جي فهرست ۾ ڪراچي ڇهين نمبر تي آهي۔وڌندڙ آلودگي سبب شھر ۾ ساهه ۽ ڳلي جي بيمارينجون شڪايتون وڌي ويون آهن۔طبي ماهرن شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ، گهر ۾ رهڻ ۽ ٻاهر نڪرڻ دوران ماسڪ پائڻ لازمي قرار ڏيڻ جي صلاح ڏني آهي۔

پنھنجي راءِ لکو