صدر آصف علي زرداري: “ملڪ جي ايٽمي پروگرام جي بنياد پيپلز پارٽي رکي”

صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جي 58هين يومِ تاسيس تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ملڪ جي ايٽمي پروگرام جي بنياد پيپلز پارٽي رکي، جڏهن⁠ته هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو کي به خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت جي استحڪام، آمريت خلاف مزاحمت ۽ عوامي حقن جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي آهي، 1973ع جو گڏيل آئين شهيد ڀٽو جو تاريخي تحفو آهي. زرداري موجب وفاق جي استحڪام، قومي يڪجهتي، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ سڌارن سميت زمين، مزدور، تعليم ۽ سماجي انصاف جون سڌارا پارٽي جي سڃاڻپ آهن. هن چيو ته ايم آر ڊي کان اي آر ڊي تائين پيپلز پارٽي جمهوريت جي سفر جي اڳواڻ رهي آهي ۽ چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ ارڙهين ترميم پارٽي جو اهم جمهوري ورثو آهن. صدر موجب پيپلز پارٽي هميشه مزدورن، هارين، عورتن ۽ اقليتن جي آواز بڻجي رهي آهي ۽ محروم طبقي جي شموليت پارٽي جو مرڪزي مشن آهي. هن چيو ته جمهوريت، مساوات ۽ سماجي انصاف جي عزم جي تجديد ضروري آهي ۽ عورتن ۽ اقليتن جي بااختياري ئي روشن پاڪستان جي ضمانت آهي، جڏهن⁠ته ڪارڪنن کي هدايت ڪئي ته هو جمهوري اتحاد برقرار رکن ڇو⁠ته پيپلز پارٽي روادار ۽ روشن خيال پاڪستان لاءِ پرعزم آهي۔

پنھنجي راءِ لکو