فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي جي جاچ دوران تصديق ٿي آهي ته حملي آوارا افغان شهري هئا، جڏهنته نادرا ٽنهي حملو ڪندڙن جي شهريت جي تصديق ڪري ڇڏي آهي پر وڌيڪ تفصيل حاصل نه ٿي سگهيا آهن. جاچ اختيارين موجب هيل تائين 100 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي آهي ۽ رحمان بابا قبرستان کان ايف سي هيڊ ڪوارٽر تائين حملي آورن جي آمد جي فوٽيج به حاصل ڪئي وئي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته سهولتڪارن جي سڃاڻپ لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي، جڏهنته حملو ڪندڙن وٽ واقعي واري ڏينهن ڪو به موبائل فون موجود نه هو. ياد رهي ته 24 نومبر تي ايف سي هيڊ ڪوارٽرز ۾ آپگهاتي ڌماڪو پيش آيو هو۔
