صوبائي وزير صحت خواجه عمران نذير جو حڪم، جيل اسپتالن ۾ قيدين لاءِ بهتر طبي سهولتون مهيا ڪيون وڃن

صوبائي وزير صحت ۽ آبادي خواجه عمران نذير جي صدارت هيٺ داخلا کاتي ۾ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جيل اسپتالن جي بهتري ۽ قيدين لاءِ طبي سهولتن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔وزير صحت هدايت ڪئي ته سڀني ضلعي اسپتالن ۾ خاص جيل ڪائونٽر قائم ڪيا وڃن، جيئن قيدين کي مناسب ۽ فوري طبي سهولتون مهيا ڪري سگهجن۔اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب جي 44 جيل اسپتالن ۾ ايمبولينسز لاءِ ريسڪيو سهولتون مهيا ڪيون وڃن، جڏهن ته لاڳاپيل ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جو ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ئي جيل اسپتال جو انچارج هوندو، ته جيئن نگراني ۽ انتظام بهتر ٿي سگهي۔خواجه عمران نذير فنڊن جي منصفاڻي ورهاست ۽ جيل اسپتالن جي ڪيٽيگرائيزيشن تي به زور ڏنو، ته جيئن سڀني علائقن ۾ برابر وسيلا فراهم ٿي سگهن۔ اجلاس ۾ سيڪريٽري داخلا پنجاب ٻڌايو ته جيلن ۾ نون ايندڙ قيدين لاءِ ايڇ آءِ وي، هيپاٽائٽس ۽ ٽي بي جا ٽيسٽ لازمي ڪيا وڃن ٿا، ته جيئن قيدين جي صحت جو مڪمل جائزو وٺي سگهجي۔اجلاس جو مقصد جيل اسپتالن جي نظام کي مضبوط ڪرڻ، قيدين کي معياري طبي سهولتون مهيا ڪرڻ ۽ هنگامي حالتن ۾ بروقت رسپانس کي يقيني بڻائڻ هو۔ آخر ۾ وزير صحت هدايت ڪئي ته سڀئي فيصلا جلد عملي جامو پهرائڻ ۽ هر جيل اسپتال جي صورتحال جو باقاعده جائزو ورتو وڃي۔

پنھنجي راءِ لکو