راولپنڊي: مصري وزيرِ خارجہ ڊاڪٽر بدر احمد محمد عبدالعاطي GHQ جو دورو ڪيو ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون وڌائڻ جي عزم کي ٻيهر ورجايو ويو۔آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفي لاڳاپن، خصوصاً دفاع ۽ سيڪيورٽي تعاون، عسڪري رابطن، تربيت جي ميدان ۾ شراڪت ۽ علائقائي امن بابت تفصيلي گفتگو ٿي۔ملاقات ۾ اهو عزم ڪيو ويو ته دفاع سميت وسيع تر اسٽرٽيجڪ شعبن ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو ۽ ٻنهي ملڪن جي پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو بڻايو ويندو۔مصري وزيرِ خارجہ مصر جي قيادت طرفان نيڪ تمنائون به پيش ڪيون ۽ چيو ته مصر پاڪستان سان هر شعبي ۾ تعاون وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو۔ٻنهي اڳواڻن زور ڏنو ته خطي جي بدلجندڙ سيڪيورٽي حالتن کي ڏسندي اعليٰ سطحي رابطن جو تسلسل انتهائي اهم آهي۔
