سعودي عرب جي شهر طائف ۾ پوليس مويشي، خاص طور تي ٻڪرين ۽ ٻڪرين جي چوري جي الزامهيٺ13پاڪستاني شهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔سعودي ميڊيا جي رپورٽ موجب ھي گرفتار ماڻهو ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث هئا جنھن بعد انهن کي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪري پراسيڪيوشن حوالي ڪيو ويو آهي۔ان کان علاوه، سعودي عرب ۾ اقامي، سرحدي ۽ ليبر قانون جي ڀڃڪڙي خلاف جاري مهم دوران صرف ھڪ ھفتي ۾ وڌيڪ 21 هزار 134قانونيتارڪين کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي۔13 هزار 128 ماڻهن کي اقاما قانون جي ڀڃڪڙي تي4 هزار 826 کي غيرقانوني سرحد پار ڪرڻ جي ڪوشش تي3 هزار 180 ماڻهن کي ليبر قانون جي خلاف ورزي تي گرفتار ڪيو ويو۔غيرقانوني طريقي سان سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪندڙ 1 هزار 667 ماڻهن کي به پڪڙيو ويو، جن ۾ 57 سيڪڙو ايتھوپيا 42سيڪڙو يمن ۽ 1 سيڪڙو ٻين ملڪن جا هئا۔ساڳي وقت 31 اهڙن ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو، جيڪي سعودي عرب مان پاڙيسري ملڪن ڏانهن غيرقانوني طور نڪرڻ جي ڪوشش ۾ هئا۔رهائش، سفر، روزگار يا پناهه ڏيڻ ۾ ملوث13ماڻهن کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو آهي۔مجموعي طور 31 هزار 91 غيرقانوني تارڪين خلاف ڪارروائي جاري آهي جن ۾ 29 هزار 538 مرد ۽ 1 هزار 553 عورتون شامل آهن۔انهن مان 22 هزار 71 ماڻهن کي سفري انتظام لاءِ سفارتخانن سان رابطو ڪرڻ جو چيو ويو، 5 هزار 78 کي سفر جي انتظام جي هدايت ڪئي وئي، جڏهن ته 11 هزار 674 ماڻهن کي ملڪ بدري ڪيو ويو آهي۔
