پاڪستان ۾ نادرا معذور ماڻهن لاءِ خاص سهولتون مهيا ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.معذور ماڻهن جي عالمي ڏينھن جي موقعي تي جاري بيان ۾ چيو ويو ته نادرا جو موقف آهي ته ملڪ ۾ ڪو به فردچاهي هو ڪنهن به معذوري جو شڪار هجي سڃاڻپ کان محروم نه رهڻ گهرجي۔بيان موجب نادرا طرفان معذور ماڻهن کي خاص سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو آهي جيڪو پهريون ڀيرو مڪمل طور مفت ۽ تاحيات هوندو آهي۔ هن وقت تائين مخصوص نشان سان 10 لک کان وڌيڪ ڪارڊ جاري ڪيا ويا آهن۔مزید چيو ويو ته معذور ماڻهو نادرا هيلپ لائن تي ڪال ڪري اپائنٽمينٽ حاصل ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته نادرا آفيسن ۾ انهن لاءِ وِيل چيئر جي سهولت موجود آهي ۽ انهن جي ڪيس جي پراسيسنگ ايگزيڪيوٽو ڪيٽيگري ۾ بنا قطار ڪئي وڃي ٿي۔معذور ماڻهو Pak ID موبائل ايپ ذريعي به نادرا سينٽر تي اپائنٽمينٽ وٺي سگهن ٿا ۽ ايپ استعمال ڪندي پنهنجو معذوري جو اندراج به ڪرائي سگهن ٿا۔اصسهولتن۾شاملآهن:ايگزيڪيوٽو ڪيٽيگري ۾ خاص پراسيسنگوِيل چيئر جي فراهميمخصوص ٽوڪن تي بنا قطار ۽ ترجيحي سروس هيلپ لائن ذريعي اپائنٽمينٽمعذور ماڻهن لاءِ خاص سڃاڻپ ڪارڊپهريون ڀيرو مفت ۽ تاحيات ڪارڊ10 لک کان وڌيڪ مخصوص نشان وارا ڪارڊمعذوري جو اندراجآنلائن اپائنٽمينٽ جي سهولت
