اسرائيلي فوج طرفان غزه ۾ جنگ بندي جي ڀڃڪڙين جو سلسلو جاري آهي ۽ تازي حملن۾هڪصحافيسميت3فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن۔غير ملڪي ميڊيا موجب فلسطيني صحت کاتي ٻڌايو آهي ته خان يونس جيمرڪزيعلائقي۾اسرائيلي فضائي حملي دوران فلسطيني صحافي محمود واڊي شهيد ٿي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي کي زخمي حالت ۾اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ رپورٽ موجب محمود واڊي کي رپورٽنگ دوران سڌو سنئون نشانو بڻايو ويو۔ان کان سواءِ وچ غزه جي پناهه گزین ڪيمپ ۾ اسرائيلي فائرنگ سان هڪ نوجوان شهيد ٿيو، جڏهن ته زيتون واري علائقي ۾ پڻ هڪ ٻئينوجوان کي گولي هڻي شهيد ڪيو ويو۔واضح رهي ته آڪٽوبر 2023 کان غزه تي جاري اسرائيلي نسل ڪشي واري جنگ ۾ هيل تائين گهٽ ۾ گهٽ:70 هزار 100 فلسطيني شهيد۽ 1 لک 70 هزار 965 زخمي ٿي چڪا آهن۔رپورٽن موجب 7آڪٽوبر2023 جي حملن دوران اسرائيل ۾ 1 هزار 139 ماڻهو ماريا ويا هئا ۽ لڳ ڀڳ 200 ماڻهن کي يرغمال بڻايو ويو هو۔
