ڀارت جي رياست ٽيلنگانا جي ضلع ميڊڪ ۾ هڪ انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو پيش آيو، جتي هڪ نوجوان ماءُ پنهنجي ٻن سالن جي معصوم پٽ جو قتل ڪرڻ بعد پاڻ به زندگي جو خاتمو ڪري ڇڏيو. رپورٽن موجب، خواجه پور ڳوٺ ۾ رهندڙ 25 ورهين جي اکيلا پنهنجي پٽ شريان گور سان گڏ رهندي هئي. سندس مڙس پراوين گور هڪ سال اڳ بيماري سبب فوت ٿي ويو هو، جنهن بعد اکيلا سخت ذهني دٻاءُ ۾ مبتلا هئي.مقامي ماڻهن موجب، سسرايل وارن کيس ٻي شادي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو، پر هوءَ ان ڳالهه کان انڪار ڪندي رهي ۽ مڙس جي ياد ۾ اڪثر روئيندي رهندي هئي۔ پوليسموجب اکيلا ذهني پريشاني سبب هي ڏکوئيندڙ قدم کنيو۔ٻئي پاسي ڇتيسڳڙھ ۾ پڻ هڪ المناڪ واقعو پيش آيو،جتي15ورهين جي شاگردياڻي پرنسپل طرفان مبينا جنسي هراسان ڪرڻ ۽ چھیڙछاڙ جو الزام لڳائڻ بعد اسڪول جي اسٽڊي روم ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي.پوليس موجب، واقعي واري هنڌ تان هڪ سوسائيڊ نوٽ هٿ آيو آهي، جنهن ۾ شاگردياڻي پرنسپل کي جنسي هراسان ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏنو آهي. پوليس پرنسپل کي حراست ۾ وٺي کيس خلاف مقدمہ داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
