پاڪستان ۾ ٽريفڪ قانونن تي سختي اوورسيز پاڪستانين کي نون مسئلن جو سامنا

پاڪستان ۾ ٽريفڪ قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ جا قدم نه صرف ملڪ اندر پر ٻاهرين ملڪن ۾ به چرچا هيٺ آهن۔ برطانيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي پاڪستان ۾ ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد جي ساراهه ڪئي آهي۔تنهن هوندي به انهن قدمن سبب اوورسيز پاڪستانين کي مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن۔ ڪميونٽي موجب کين ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان اندر غير ملڪي لائسنس تي ڊرائيونگ غير قانوني قرار ڏني وئي آهي، تنهن ڪري هاڻي پاڪستان اچڻ کان اڳ پنهنجي ملڪ مان انٽرنيشنل ڊرائيونگ پرمٽ (IDP) لازمي حاصل ڪرڻو پوندو۔اوورسيز پاڪستانين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اوورسيز لائسنس جاري ڪرڻ جو عمل آسان ڪيو وڃي۔ سندن چوڻ آهي ته انٽرنيشنل لائسنس لاءِ ڏاڍو مشڪل ٿيوري ۽ پريڪٽيڪل ٽيسٽ پاس ڪرڻا پون ٿا، جن جو معيار عالمي سطح تي مڃيل آهي۔پاڪستاني ڪميونٽي، اوورسيز پاڪستاني فاؤنڊيشن (OPF) کي به اپيل ڪئي آهي ته هو هن معاملي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ سهولتون پيدا ڪري۔

پنھنجي راءِ لکو