اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ فيصلو ڏيڻ واري سيشن جج ناصر جاويد رانا خلاف درخواست ناقابل سماعت قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏي. عدالت جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر درخواست ڏيندڙ اسامه رياض پاران جج جي مقرري ۽ ڪم کان روڪڻ واري درخواست کي رد ڪيو. ابتدائي دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت پنهنجو فيصلو محفوظ ڪيو هو. اهو فيصلو عمران خان کي سزا ڏيڻ واري جج همايون دلاور خلاف ساڳي نوعيت جي درخواست جي حوالي سان پڻ ڏٺو پيو وڃي
