اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٹس طارق جهانگيري جي ڊگري جو رڪارڊ ڪراچي يونيورسٽي کان طلب ڪري ورتو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٹس طارق محمود جهانگيري جي وڪالت جي مبينه جعلي ڊگري واري ڪيس جي سماعت ڪئي. عدالت هاءِ ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) جي ذريعي ڪراچي يونيورسٽي کان ڊگري جو مڪمل رڪارڊ طلب ڪيو ۽ ايندڙ سماعت 9 ڊسمبر تي مقرر ڪئي.چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تحريري حڪم ۾ چيو ته HEC ڊگري جي تصديق سميت سڀ دستاويز عدالت ۾ پيش ڪري ۽ ڪراچي يونيورسٽي جي مجاز آفيسر کي پڻ طلب ڪيو وڃي. عدالت واضح ڪيو ته ڊگري جو رڪارڊ جانچڻ کان پوءِ درخواست جي سماعت لائق هجڻ جو فيصلو ڪيو ويندو ۽ ڪارروائي اڳتي وڌي ويندي.

پنھنجي راءِ لکو