هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايچ اي سي) ڊگري جي تصديق وارو عمل جديد ۽ شفاف بڻائڻ لاءِ بلاڪ چين ٽيڪنالاجي شامل ڪرڻ جو حتمي منصوبو منظور ڪري ورتو آهي، جنهن سان شاگردن کي هاڻي دستاويزن جي جمع ڪرڻ يا ايچ اي سي جي آفيسز جا چڪر لڳائڻ جي ضرورت نه پوندي.رپورٽ موجب سڄو خريداري وارو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ايندڙ 6 مهينن اندر نئون بلاڪ چين تي مبني سسٽم مڪمل طور فعال ٿي ويندو۔ اهي 25 يونيورسٽيون جن ۾ ERP سسٽم لاڳو آهي، انهن جو رڪارڊ پاڻمرادو بلاڪ چين سان ڳنڍجي ويندو، جڏهن ته ٻين ادارن جا شاگرد پنهنجون ڊگريون ۽ ٽرانسڪرپٽس آن لائين پورٽل ذريعي جمع ڪرائيندا، جن جي تصديق بعد رڪارڊ بلاڪ چين ۾ شامل ڪيو ويندو۔هن نئين نظام سان ڊگري جي تصديق مڪمل طور ڊجيٽل، تڪڙي، محفوظ ۽ جعلسازي کان پاڪ هوندي۔ سرڪاري ادارا سفارتخانا ۽ نجي تنظيمون بہ ايچ اي سي بلاڪ چين ذريعي فوري تصديق ڪري سگهنديون۔
