پاڪستان ۽ آمريڪا منشيات خلاف مهم، سيڪيورٽي تعاون ۽ انٽيليجنس شيئرنگ کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي۔وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان آمريڪا جي قائم مقام سفير نيٽلي بيڪر ملاقات ڪئي، جنهن دوران منشيات جي روڪٿام، غير قانوني اميگريشن کي روڪڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي تعاون وڌائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔آمريڪي سفير پاڪستان کي منشيات خلاف ڪاررواين ۽ غير قانوني اميگريشن جي روڪٿام لاءِ مڪمل ٽيڪنيڪل مدد جي آڇ ڪئي۔ ملاقات ۾ اي اين ايف جي ڪارڪردگي ۽ ملڪ گير آپريشنز بابت بريفنگ پڻ ڏني وئي، جنهن کي آمريڪي سفير ساراهيو۔محسن نقوي چيو ته غير قانوني اميگريشن بابت حڪومت جي پاليسي بلڪل واضح آهي، هوائي اڏن تي جديد اسڪيننگ مشينون لڳائي پيون وڃن ۽ منشيات جي سڃاڻپ پهرين ترجيح آهي۔سندس چوڻ هو ته افغانستان مان اڄ به منشيات ڪيترن ئي ملڪن تائين پهچي رهي آهي، جيڪا نوجوان نسل لاءِ تباهي جو سبب بڻجي رهي آهي، آمريڪي ٽيڪنيڪل مدد جو ڀليڪار ڪنداسين۔محسن نقوي وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا علائقي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ انتهائي اهم آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو۔
