پاڪستان ۾ وڏي تعداد ۾ عورتون سلائي، کاڌو ٺاهڻ، دستڪاري ۽ آن لائن پراڊڪٽس وڪري سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ گهر ويهي ڪاروبار ڪري رهيون آهن۔ هاڻي انهن عورتن لاءِ اسٽيٽ بئنڪ نوان مالي ۽ تربيت وارا موقعا فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔اي آر وائي نيوز جي پروگرام باخبر سویرا ۾ ڳالهائيندي اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر سليم الله ٻڌايو ته ملڪ ۾ گهرن مان ڪاروبار ڪندڙ عورتن لاءِ هاڻي ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي وڌندڙ موقعا موجود آهن جن جي ذريعي هو پنهنجو ڪاروبار وڌائي سگهن ٿيون۔سليم الله ٻڌايو ته عورتون ”س ايپ“ ڊائون لوڊ ڪري تربيت حاصل ڪري سگهن ٿيون، جڏهن ته بينڪ جو فارم ڀرڻ ۽ گهربل ڪاغذن سان گڏ جمع ڪرائڻ بعد انهن کي 5 لک رپيا تائين شخصي ضمانت تي بنا مارڪ اپ (بغير سود) قرض ڏنو ويندو۔واضح رهيتهاهڙاپروگرامصرفسرمايهنهپر:ڪاروباري منصوبا ٺاهڻ مارڪيٽنگ جديد ڪاروباري طريقن جي تربيت به ڏين ٿا، ته جيئن عورتون پنهنجو روزگار پائيدار بنيادن تي اڳتي وڌائي سگهن۔
