وفاقي وزير دفاع خواجه محمد آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ ڀارتي ميڊيا تي جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي اها اڳ ئي موجود صورتحال جي تابوت ۾ آخري ڪيل ثابت ٿي آهي۔ميڊيا سان ڳالهائيندي هنچيوتهاڄتائيناسٽيبلشمينٽ اهڙو ردعمل ناهي ڏنو، جڏهن ته پي ٽي آءِ جو بيانيه هميشه رهيو آهي ته “جي باني نه ته پاڪستان نه”۔هن چيو ته ملڪ کان ٻاهر ويٺل ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا تي پاڪستان ۽ پاڪ فوج خلاف ڳالهين ۽ گارگند جو سلسلو جاري رکندا آهن پر ڪنهن به قسم جي مذمت سامهون نٿي اچي۔هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف ڀارتي ميڊيا کي انٽرويوز ضرور ڏنا پر ڪڏهن به پاڪستان جي وجود يا سالميت خلاف ڳالهه ناهي ڪئي۔ انهن کي قيد ڪيو ويو، ٽن ڀيرا هٽايو ويو، پر انهن ڪڏهن حدون پار نه ڪيون۔سوال جي جواب ۾ خواجه آصف چيو ته نائين مئي جهڙا واقعا تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ٿيا آهن۔ موجوده زهريلو سياسي ماحول پي ٽي آءِ جي ذميواري آهي ۽ جيڪو ردعمل آيو آهي، اهو بلڪل فطري آهي۔
