گٽر جا ڍڪ چوريندڙن کي واقعي واري هنڌ تي گولي هڻي ڇڏيو خواجه آصف جو مطالبو

وفاقي وزير دفاع خواجه محمد آصف گٽر جي ڍڪن جي وڌندڙ چوريءَ تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اهڙن ماڻهن کي واقعي واري هنڌ تي ئي گولي هڻي سزا ڏني وڃي۔سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي هڪ وائرل وڊيو تي ردعمل ڏيندي هن چيو ته ٽي مختلف جڳهن تي ڏٺو ويو آهي ته ماڻهو گٽر جا ڍڪ چوري ڪري فرار ٿي رهيا آهن۔ڊيو جي پهرين حصي ۾ هڪ عورت ٻارن سميت گدها گاڏي تي گٽر جو ڍڪ چوري ڪندي نظر آئي، جڏهن⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠ ٻئي حصي ۾ چنگچي رڪشا وارو ساڳيو ڪم ڪندي ڏٺو ويو۔ٽئين حصي ۾ ڪار ۾ آيل ملزمان گلي مان گٽر جو ڍڪ کڻي فرار ٿي ويا
اڃا تائين تصديق نه ٿي سگهي آهي ته اهي وڊيوز ڪن شهرن جون آهن۔خواجه آصف چيو ته جيڪڏهن انهن جا وڊيو ريڪارڊ موجود آهن ته انهن کي واقعي واري هنڌ تي ئي گولي هڻي ڇڏيو، ڇو⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠⁠ ته هي معصوم ٻارن جا قاتل آهن
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ان باوجود به ڪو ايڪشن نه ٿيو ته پوءِ سسٽم به انهن ٻارن جي قتل جو سهولتڪار آهي