خيبر پختونخوا حڪومت شهيد سرڪاري ملازمن جي ٻارن ۽ بيواهن جي نوڪرين بابت نوان ترميمي ضابطا جاري ڪري ڇڏيا آهن۔اسٽيبلشمنٹ ڊپارٽمينٽ باضابطي سان نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ٻڌايو آهي ته دهشتگردي ۾ شهيد ٿيندڙ سرڪاري ملازمن جي ٻارن يا بيواهن کي سڌي سنئي تقرري جي اجازت هوندي۔اعلاميي موجب صوبائي ڪئڊر ۾ گريڊ 3 کان 11 ۽ ضلعي ڪئڊر ۾ گريڊ 3 کان 12 تائين ڀرتي ممڪن هوندي۔ جيڪڏهن شهيد ملازم جو ٻار عمر جا شرط پورو نه ڪري ته بيواهه کي ترجيحي بنيادن تي نوڪري ڏني ويندي۔نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته هر پوسٽ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ تعليمي قابليت لازمي هوندي۔ ٻن زالن جي صورت ۾ وڏي عمر واري بيواهه کي ترجيح ڏني ويندي۔متعدد آسامن جي دستيابي جي صورت ۾ اميدوار کي وڌيڪ گريڊ واري پوسٽ تي رکيو ويندو۔ضابطن ۾ وضاحت ڪئي وئي آهي ته تقرريون صرف موجود خالي آسامي تي ممڪن آهن، ۽ هي نئون قانون پبلڪ سروس ڪميشن واري پوسٽن تي لاڳو نه ٿيندو
