8 ڊسمبر تي ملڪ گير هڙتال جو اعلان ٽرانسپورٽرن جو پنجاب حڪومت کي 72 ڪلاڪ جو الٽي ميٽم

پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ الائنس پنجاب حڪومت جي ڪارروائين خلاف سخت احتجاج ڪندي 8 ڊسمبر تيملڪگيرهڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔الائنس جي صدر ۽ اڳوڻي ايم پي اي ملڪ شهزاد اعوان چيو ته پنجاب ۾ ٽرانسپورٽ شعبي خلاف ٿيندڙ قدم بلڪل قبول ناهي۔هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن 72 ڪلاڪن اندر پنجاب حڪومت ٽرانسپورٽرن جي مطالبن تي غور نه ڪيو ته ملڪ ڀر ۾ پهيه جام هڙتال ڪئي ويندي۔گڊز ٽرانسپورٽر خالد خان الزام هنيو ته پنجاب پوليس جا اهلڪار ڊرائيورن کان رشوت وٺن ٿا ۽ هزارين مال بردار گاڏين تي ناجائز ايف آءِ آرون داخل ڪيون ويون آهنٽرڪ مالڪن ۽ ڊرائيورن جو چوڻ آهي ته ڳرا ڏنڊ، غيرقانوني ڪارروائيون ۽ هراسان ڪرڻ سبب ٽرانسپورٽ انڊسٽري سخت متاثر ٿي رهي آهي۔ملڪ شهزاد اعوان چيو ته قانوني ڪاغذن باوجود گاڏين کي زبردستي روڪيو وڃي ٿو جيڪو سراسر زيادتي آهي۔ٽرنسپورٽرن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي سندن مسئلا حل ڪيا وڃن، نه ته احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي۔هڪ هنگامي اجلاس بعد ٽرانسپورٽرن فيصلو ڪيو ته پنهنجن جائز حقن جي حفاظت لاءِ هر قدم کنيو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو