اسلام آباد قومي ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) درخواست فارم جي تصديق ( هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ۽ تصديق کي لازمي قرار ڏنو آهي۔نادرا مطابق فارم جي تصديق جا ٻه طريقا آهن۔يون طريقو اهو آهي ته درخواست ڪندڙ جي والد، والدہ، ڀيڻ، ڀائر، پٽ، ڌيءَ يا زندگي ساٿي مان ڪو هڪ — جنهن جو شناختي ڪارڊ ٺهيل هجي — بائيو ميٽرڪ تصديق ڪرائي، ته پوءِ فارم جي الڳ Attestation جي ضرورت نه پوندي۔ٻيو طريقو اهو آهي ته درخواست فارم جي تصديق ڪنهن گزيٽيڊ آفيسر يا عوامي نمائندي کان ڪرائي وڃي۔ تصديق ڪندڙ لاءِ ضروري آهي ته هو اها تسلي ڪري ته درخواست ڪندڙ وٽ اصل شناختي دستاويز موجود آهن ۽ فارم ۾ ڄاڻايل سڀ معلومات صحيح آهي۔نادرا شهرين کي سخت هدايت ڪندي چيو آهي ته فارم جي تصديق رڳو مجاز ماڻهن کان ڪرائي وڃي ۽ جعلي تصديق کان پري رهيو وڃي۔نادرا آرڊيننس 2000 جي سيڪشن 30(2) موجب جعلي يا غلط تصديق تي ڇهن مهينن تائين قيد، 50 هزار رپين تائين ڏنڊ يا ٻئي سزائون ٿي سگهن ٿيون۔
