قومي اسيمبليءَ ۾ حڪمران اتحاد کي ٻه ٽئين اڪثريت ضمني چونڊن کان پوءِ پارٽي پوزيشن تازه

اسلام آباد ضمني چونڊن کان پوءِ قومي اسيمبليءَ ۾ نئين پارٽي پوزيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب حڪمران اتحاد جا اراڪين 244 ٿي ويا آهن، جنهن سان انهن کي ايوان ۾ ٻه ٽئين کان وڌيڪ اڪثريت حاصل ٿي وئيآهي.اپوزيشن جا اراڪين 88 آهن، جڏهن ته چار سيٽون اڃا خالي آهن.پارٽي جي لحاظ سان اراڪين جي تفصيل مطابق مسلم ليگ ن 132، پيپلز پارٽي 74، ايم ڪيو ايم 22، مسلم ليگ ق 5، استحڪام پاڪستان پارٽي 4، مسلم ليگ ض، نيشنل پارٽي ۽ باپ جا هڪ هڪ رڪن موجود آهن. آزاد اراڪين ۾ 71 پي ٽي آئي جي حمايت يافته، 4 ٻيا آزاد ۽ هڪ رڪنسنياتحادڪائونسل مان شامل آهن. جے يو آئي (ف) جا 9، بلوچستان نيشنل پارٽي، پي ڪي ميپ ۽ مجلس وحدت المسلمين جا هڪ هڪ رڪن شامل آهن. مسلم ليگ ضمني چونڊن ۾ 7 سيٽون کٽي حڪمران اتحاد جي اڪثريت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي.

پنھنجي راءِ لکو