لاھور ایف آئی اے امیگریشن هڪ ڪارروائي دوران گجرانوالہ جي رهواسي مهراڻ احمد کي جعلي سڃاڻپ جي بنياد تي پرڏيهي ملڪ وڃڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي آف لوڊ ڪيو. مسافر پرواز نمبر QR629 ذريعي اسپين وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر ابتدائي تحقيقات ۾ معلوم ٿيو ته موجوده پاسپورٽ ۾ موجود تصوير ان جي سڃاڻپ سان ميل نٿي کائي. ملزم اعتراف ڪيو ته هو اسپين جو رهواسي آهي ۽ ماضي ۾ پنهنجي پراڻي پاسپورٽ تي پرڏيهي ملڪ جو سفر ڪري چڪو آهي. هن ٻڌايو ته آن لائن پاسپورٽ رينيول دوران هن پنهنجي ڀاءُ جي تصوير موجوده پاسپورٽ تي لڳائي غير قانوني طور اسپين وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. ملزم کي ایف آئی اے اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل لاھور جي حوالو ڪيو ويو ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.
