بلوچستان جي علائقي سوئي ۾ ڪالعدم تنظيم فتنہ الہندوستان (بي آر اي) جو ڪمانڊر وڊيره نور علي چاڪراڻي ۽ سندس 74 ساٿي باقاعده طور تي هٿيار ڇڏيو، جڏهن ته مجموعي طور تي 100 کان وڌيڪ ماڻهن قومي دھاري ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو.هٿيار ڇڏڻ جي تقريب ۾ ضلعي معزز، ميڊيا نمائندا، پاڪستان هائوس جا ڪيرٽيڪر مير آفتاب بگٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ڊيره بگٽي پڻ موجود هئا.اطلاعات مطابق شرپسندن سرينڊ لاءِ وڃي رهيا نور علي چاڪراڻي ۽ سندس ساٿين تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو محفوظ رهيا.ڪمانڊر نور علي چاڪراڻي هن موقعي تي فتنہ الہندوستان خلاف چاڪراڻي امن فورس قائم ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو.حڪام جو چوڻ آهي ته هي سرينڊ بلوچستان ۾ ٻين شدت پسند تنظيمن لاءِ وڏو ڌچڪو آهي. وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي هٿيار ڇڏيندڙن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هي پاڪستان جي پرچم هيٺ امن جي سفر جي شروعات آهي. هن واضح ڪيو ته ڳالهه ٻولهه جا دروازا کليل آهن، پر رياست مخالف عناصر خلاف انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جاري رهندا ۽ رياست جي نرم رويي کي ڪمزوري سمجهندڙن جو پويان پويان تعاقب ڪيو ويندو.
