اسلام آباد ٽريفڪ پوليس شهريَن جي سهولت لاءِ اڄ ۽ سڀاڻي مختلف روٽن جي بندش بابت اهم ايڊوائزري جاري ڪئي آهي۔ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته شهر جون ڪيترائي شاهراهون جزوي طور بند رهنديون، جڏهن ته ٽريفڪ جو دٻاءُ معمول کان وڌيڪ رهندو۔پوليس موجب 8 ڊسمبر صبح 11 وڳي کان 12 وڳي تائين ۽ 9 ڊسمبر رات 9 وڳي کان 10 وڳي تائين فيصلا ايونيو، ايڪسپريس هاءِ وي ۽ سري نگر هاءِ وي سميت اهم روڊن تي ٽريفڪ ۾ اضافو ٿيندو۔ايگزيڪٽو چوڪ (ايڪسپريس چوڪ) ۽ ميريٽ گيٽ ريڊ زون لاءِ بند رهندا۔ شهرين کي هدايت ڏني وئي آهي ته ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سرينا روڊ، نادرا چوڪ ۽ مارگلا روڊ استعمال ڪن۔راولپنڊي کان اسلام آباد ايندڙ راول روڊ، نائين ايونيو، فقير ايپي روڊ ۽ سري نگر هاءِ وي اختيار ڪن، جڏهن ته اسلام آباد کان راولپنڊي ويندڙ زيرو پوائنٽ کان سري نگر هاءِ وي ۽ نائين ايونيو استعمال ڪن۔مري ۽ ٻارهه ڪهُو کان ايندڙن لاءِ ڪورنگ روڊ، بني گالا روڊ، پارڪ روڊ ۽ لهترار روڊ تجويز ڪيا ويا آهن۔ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪار مختلف هنڌن تي شهرين جي رهنمائي لاءِ موجود رهندا۔
