پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ قائم الدين اوڍو جي نامور ۽ معزز شخصيت امان الله اوڍو هڪ اهم انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هڪ اڻڄاتل شخص سندس نالي ۽ تصوير استعمال ڪندي جعلي سوشل ميڊيا آءِ ڊي ٺاهي رهيو آهي، جنهن ذريعي غلط، بي بنياد ۽ گمراه ڪندڙ پروپيگنڊو ڪيو پيو وڃي۔امان الله اوڍو ٻڌايو ته فيڪ آءِ ڊي هلائيندڙ فرد سندس نالو ۽ تصوير استعمال ڪري ايم اين اي جاويد علي شاهه جيلاني ۽ چيئرمين سيد جمن علي شاهه خلاف غيرذميوار، تڪراري ۽ بي بنياد پوسٽون شيئر ڪري رهيو آهي، جيڪي مڪمل طور غلط آهن ۽ سماج ۾ انتشار ڦهلائڻ جي ڪوشش آهي۔هن وڌيڪ ٻڌايو ته جعلي آءِ ڊي ذريعي نه فقط سياسي شخصيتن بابت نفرت انگيز مواد پکيڙيو پيو وڃي، پر مذهبي بي حرمتي جهڙو سنگين ۽ ڏوهي عمل پڻ ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به صورت قابلِ برداشت ناهي۔امان الله اوڍو واضح ڪيو ته سندس ان فيڪ آءِ ڊي سان ڪو به تعلق ناهي ۽ سندس نالي جو غلط استعمال ڪيو پيو وڃي۔ هن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فيڪ آءِ ڊي هلائيندڙ عناصر خلاف سخت قانوني قدم کنيا وڃن ته جيئن اهڙن عملن کي روڪي سگهجي۔
