قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران دلچسپ صورتحال تڏهن پيدا ٿي، جڏهن اسپيڪر اياز صادق اوچتو 5 هزار رپين جا ڪجهه نوٽ هلايو ۽ ٻڌايو ته اهي نوٽ ايون جي فرش تان مليا آهن۔ اسپيڪر ميمبرن کان پڇيو ته هي رقم ڪنهن جي آهي هي ڳالهه ٻڌندي ئي ڪيترائي اراڪين بيٺا ٿي ويا ۽ هٿ مٿي ڪندي رقم تي پنهنجو دعويٰ ڪرڻ لڳا۔ اسپيڪر مرڪندي چيو ته “هي ته 12، 10 اراڪين هٿ کڙا ڪري ڇڏيا، ايترا ته پيسا به ناهن جيترا هٿ کڙا ٿي ويا آهن۔”سڄي هائوس ۾ کل نڪري پئي۔ڪجهه دير بعد اسپيڪر اعلان ڪيو ته رقم جو اصلي مالڪ پتو لڳي ويو آهي، جيڪا ايم اين اي اقبال آفريدي جي آهي، جنهن کي پوءِ رقم واپس ڪئي وئي۔
