اي سي سي جو اڄ اجلاس پيٽروليم مارجن وڌائڻ جي امڪان، پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيڻ جو خدشو

اسلام آباد وفاقي ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) جي اڄ ٿيندڙ اجلاس ۾ پيٽروليم شين تي آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين ۽ ڊيلرن جا مارجن وڌائڻ واري سمري منظور ٿيڻ جو امڪان آهي۔وفاقي خزاني واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ 11 نقاطي ايجنڊو پيش ڪيو ويندو، جنهن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ممڪن اضافي تي به غور ڪيو ويندو، جنهن سان قيمتن ۾ في لٽر تقريباً 2 رپيا 40 پيسا واڌ ٿي سگهي ٿي۔ذريعن موجب او ايم سيز ۽ ڊيلرن جي منافعي ۾ مهانگائي مطابق 1 رپيو 28 پيسا في لٽر اضافي جي تجويز ڏني وئي آهي۔ هن وقت او ايم سيز جو منافعو 7 رپيا 87 پيسا ۽ ڊيلرن جو ڪميشن 8 رپيا 64 پيسا في لٽر لڳي رهيو آهي۔اجلاس ۾ ايران کان بجلي خريد ڪرڻ واري معاهدي، مالي سال 2025-26 جي سرڪلر ڊيٽ مينيجمينٽ پلان، پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي لاءِ 1.28 ارب رپين جي گرانٽ، ڪلوروفارم جي درآمد تي پابندي ۽ گفٽ اسڪيم تحت گاڏين جي درآمد جي طريقيڪار ۾ ترميم سميت ڪيترائي اهم معاملا شامل آهن۔

پنھنجي راءِ لکو