ڀارت ۾ مرڻ واري جي لاش کي روڊ يا ڪنهن به عوامي هنڌ تي رکي احتجاج ڪرڻ يا دھرڻو ڏيڻ کي هاڻي قابلِ سزا جرم قرار ڏنو ويو آهي، جنهن تي سخت سزائون مڙھيون ويون آهن۔ڀارتي ميڊيا موجب راجسٿان حڪومت ’’ريسپيڪٽ فار ڊيڊ باڊيز ايڪٽ‘‘ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت عوامي هنڌن تي لاش رکي احتجاج ڪرڻ تي 6 مهينن کان 5 سالن تائين قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي۔قانون موجب ايگزيڪيوٽو مجسٽرٽ طرفان نوٽيس ملڻ بعد 24 ڪلاڪن اندر آخري رسومات ادا ڪرڻ لازمي قرار ڏنل آهي۔ جيڪڏهن وارث 24 ڪلاڪن ۾ رسومات ادا نه ڪندا ته پوليس لاش کي هٿ ۾ وٺي پاڻ آخري رسومات مڪمل ڪرڻ جو اختيار رکندي۔ساڳي قانون تحت اسپتالن کي به پابند ڪيو ويو آهي ته اهي بقايا بل جي بنياد تي لاش کي روڪڻ جو عمل بند ڪن۔راجسٿان حڪومت جو چوڻ آهي ته هي قانون انهن حالتن کي روڪڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي، جتي قانوني، سماجي يا خانداني تڪرارن سبب لاش کي گهڻي وقت تائين دفن يا ساڙيو نٿو وڃي۔حڪومت موجب راجسٿان ڀارت جي پهرين رياست بڻجي آهي جنهن اهڙو قانون لاڳو ڪيو آهي۔
