ايبٽ آباد ۾ ڊاڪٽر ورده جي قتل جي جاچ جاري آهي، ۽ ڊي پي او هارون رشيد ٻڌايو آهي ته اهو قتلمڪملمنصوبابنديءَ سان ڪيو ويو هو۔ڊي پي او موجب واقع ۾ چار ماڻهو ملوث هئا، جن مان ٽن کي گرفتار ڪيو ويو آهي مقدمي ۾ اغوا قتل ۽ ٻيون دفعات شامل ڪيون ويون آهن۔ابتدائي ڄاڻ موجب ڊاڪٽر ورده ٻه سال اڳ پنهنجي ساٿي ريدا کي سون ڏنو هو، جيڪو واپس نه ڪيو ويو. واقعي جي ڏينهن ريدا ڊاڪٽر کي پنهنجي زير تعمير گهر وٺي وئي ۽ اتي ملزمان شماريز، نديم ۽ اورنگزيب کي سونپيو، جتي نديم واردات جا سڀ انتظام سنڀاليا۔مقتوله جي والد پوليس تي رشوت وٺڻ جو الزام لڳايو ۽ ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي۔پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ جاري آهي ۽ سڀني ملزمان خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔
