سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٽرئفڪ اي-چالان جي شروعات کان پوءِ هاڻي هڪ ٻئي اهم شعبي فوڊ اٿارٽي ۾ به اي-الان سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ ڪراچي ۾ اڍائي مهينا اڳ ٽرئفڪ اي-چالان جو آغاز ڪيو ويو، جنهن تحتهزارين گاڏين کي گهر ويٺي ڳري ڏنڊن جا چالان جاري ٿي چڪا آهن، جيتوڻيڪ ڪجهه حلقن پاران انهن ڏنڊن جي مخالفتبهڪئي وڃي پئي.مخالفت باوجود حڪومت فوڊ سيڪٽر ۾ به نظام کي ڊجيٽل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت آن لائن رجسٽريشن، شڪايتن جو منيجمنٽ سسٽم ۽ ڊجيٽل چالان سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي۔هن سلسلي ۾ وزير خوراڪ سنڌ محبوب الزمان، پ پ شعبهَ عورتون جي صدر فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي ۽ فوڊ اٿارٽي جيڊجيٽلائيزيشن ۽ ويٽ اسٽاڪ پاليسي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔ وزير خوراڪ ٻڌايو ته غير معياري خوراڪ خلاف آپريشن جاري آهن ۽ ڊجيٽلائيزيشن کان پوءِ سنڌ جي عوام کي وڌيڪ بهتر، معياري ۽ محفوظ خوراڪ فراهم ڪري سگهبي۔
